ڪلياڻ آڏواڻي

ڪلياڻ آڏواڻي

ڪلياڻ آڏواڻي

ڪلياڻ آڏواڻي : ڪلياڻ آڏواڻي مشهور عالم ۽ اديب 10 ڊسمبر 1911ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو، ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ھليو ويو ۽ بمبئي ۾ وڃي رھيو. ھن جي تحقيق جو موضوع سنڌي زبان جا 3 باڪمال شاعر شاھ، سچل ۽ سامي رھيا. ورھاڱي کان اڳ سندس مقالا ۽ مضمون مخزن ڦليلي، رسالي ”سنڌ“ ۽ لطيف ٻاري ۾ شايع ٿيا. انھن کان سواءِ 1946ع ۾ سنسڪرت جي مشھور ڊرامه نويس ڪاليداس جي جڳ مشھور ڊرامي ”شڪنتلا“ جو ترجمو ڪيائين. جنھن تي کيس سنڌ سرڪار طرفان انعام مليو. ورھاڱي کان پوءِ سندس ٽي مشھور ڪتاب ڇپيا. جن ۾ ”شاھ“ (1951ع)، ”سامي“ (1953ع) ۽ ”سچل“ (1954ع) شامل آھن. ھنن ڪتابن ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي شعرن جو ڳوڙھو تنقيدي اڀياس ڏنو ويو آھي. 1958ع ۾ شاھ جو رسالو مرتب ڪيائين، جنھن ۾ ھر بيت جي معنيٰ ۽ سمجھاڻي ان بيت جي سامھون ڏنائين، جنھنڪري ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ شاھ جي رسالي جي سولي سمجھاڻي ڏنل نه ھئي ۽ ڪن رسالن ۾ ته مک لفظن جي معنيٰ به ڏنل ڪا نه ھئي. ھن رسالي تي مرتب ۽ محقق کي سنڌي ساھت منڊل بمبئي طرفان 1958ع ۾ گولڊ ميدل مليو، ان کان پوءِ ڪلياڻ آڏواڻي شاھ جو رسالو مڪمل صورت ۾ مرتب ڪري 1966ع ۾ ڇپايو. ان رسالي تي کيس 1967ع ۾ سنڌي سميلن بئنگلور طرفان گولڊ ميدل ڏنو ويو. سچل جي ڪلام جي سلسلي ۾ ڪتاب ”سچل“ کان سواءِ ٻيو ڪتاب ”سچل جو چونڊ ڪلام“ به لکيائين، جيڪو ساھتيه اڪادمي نئين دھلي 1979ع ۾ ڇپيو. مذڪوره ايوارڊن ۽ انعامن کان سواءِ 1968ع ۾ ساھتيه اڪادمي نئين دھليءَ طرفان ”شاھ جو رسالو“ تي کيس انعام مليو. 1970ع ۾ ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي کيس روس ۽ فرانس جو دورو ڪندڙ ڊيليگيٽس ۾ شامل ڪري دوري تي موڪليو. اھا ڊيليگيشن صرف ٽن اديبن تي مشتمل ھئي، ان کانسواءِ ڪيترن ئي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي ادارن جو اعزازي ميمبر ٿي رھيو، جن ۾ ساھتيه اڪادمي دھليءَ جو سنڌي صلاحڪار بورڊ، ڀارتي گيان پيٺ جو سنڌي صلاحڪار بورڊ ۽ بمبئي ۽ پونا يونيورسٽين جي سنڌي شعبي جو بورڊ آف اسٽڊيز شامل آھن. ”شڪنتلا“ جي ترجمي کان پوءِ ڀارت ۾ 1973ع ۾ ديوان محي الدين جو فارسي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايائين. ان کان علاوه سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”راز و نياز“ 1960ع ۾ ڇپيو، جڏھن ته ”روحاني مشاھدا“ 1979ع ۾ ڇپيو.
ڪلياڻ آڏواڻيءَ ان کان علاوه ڪتابن جا مقدما ۽ مھاڳ به لکيا ۽ تنقيدي نوعيت وارا مضمون به تحرير ڪيائين، جن ۾ ”ميگھدوت“ (نانڪ رام ميرچنداڻي 1947ع)، ”ساميءَ جا سلوڪ“ (سامي/1947ع) ۽ ”سڪ جي سوغات“ (رام پنجواڻي/1959ع) شامل آھن.
تشريحي تنقيد ۾ ”شاھ جو رسالي جون تشبيھون“ (سنڌو/ فبيروري 1944ع)، ”سامي جي سلوڪن جون تشبيھون“ (سنڌو/ مئي 1944ع ۽ ”شاھ جو عاشقانه ڪلام“ (سنڌو/ سيپٽمبر 1946ع) شامل اٿس. جڏھن ته سوانح حياتي تنقيد ۾ ”سھڻو انسان عزيز“ (نئين دنيا/سيپٽمبر 1971ع) شامل آھن. ڪلياڻ آڏواڻي 17 مارچ 1994ع ۾ ديهانت ڪري ويو. ڏنل شاهه جي رسالي منتخب ۽ مفصل جا سنڌ ۾ ڪاٺياواڙ ڪتاب گهر، برهان ڪتاب گهر، روشني پبلڪيشن، سنڌي ساهت گهر وغيره ڪيترائي ايڊيشن ڇپايا آهن ۽ سنڌ ۾ سندس شاهه جي رسالي ڇاپي ۽ وڪري ۾ رڪارڊ ٽوڙيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1911.12.10  عيسوي

ڪلياڻ آڏواڻي مشهور عالم ۽ اديب 10 ڊسمبر 1911ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو.


1994.03.17  عيسوي

ڪلياڻ آڏواڻي 17 مارچ 1994ع ۾ ديهانت ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليم مگسي
جتوئي ڌڱاڻو
سيد عبدالرحيم موسوي
شاهنواز خان
سھراب سومرو
سر سيد احمد خان
آدم ٻٽ ڊاڪٽر
شرميلا ٽئگور
پرڪاش مڻي دادي
بابا بنکنڊي مهراج
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون